سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه روشن سنڌ پروگرام ڪيس ۾ نيب پنڊي آفيس ۾ پيش ٿيو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جعلي اڪائونٽس ۽ روشن سنڌ پروگرام ڪيس ۾ نيب راولپنڊي آڏو پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائي ورتو، نيب ٽيم ٽن ڪلاڪن تائين مراد علي شاهه کان سولر لائيٽس پراجيڪٽ بابت پڇاڻو  ڪندي لکت ۾ سوالنامو ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

وڏي وزير مراد علي شاهه اسٽريٽ لائيٽس جي ٺيڪن بابت نيب اڳيان پيش ٿي سوالن جا جواب ڏنا.

 پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته نيب پاران پڇيو ويو ته بجيٽ ۾ اسٽريٽ لائيٽس وارو معاملو شامل نه هو، ان جي اجازت ڇو ڏني وئي؟ نيب عملدارن کي آئيني ۽ قانوني پوزيشن کان آگاهه ڪيو ۽ کين ٻڌايو ته بجيٽ کان ٻاهر به اسڪيمن جي منظوري ڏئي سگهجي ٿي.

هن واضح ڪيو ته  سولر لائيٽ منصوبو ڪابينا جي منظوري سان ئي شروع ٿيو هو.

وڏي وزير چيو ته سنڌ پاڪستان جو حصو آهي، ڪنهن به پاڪستاني کي سنڌ اچڻ لاءِ نه ئي ويزا ۽ نڪي وري پاسپورٽ جي ضرورت آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اسان وفاق جي پريشر ۾ اچڻ وارا ناهيون،نيب گهرايو آهي ته پيش ٿيا آهيون،سنڌ حڪومت،وزير اعظم جي ڪنهن به فيصلي کان ڪو الڳ فيصلو نه ڪيو آهي.

هن چيو ته اين سي سي ۾ فيصلي جي باوجود  ڪجهه صوبن مارڪيٽون کوليون، اسان هاڻ به مارڪيٽن کولڻ جي حق ۾ ناهيون،سپريم ڪورٽ جي حڪم تي مارڪيٽون کوليون ويون.

وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ اسد عمر جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته اسان ته هاڻ به اسٽيل ملز جي ملازمن سان گڏ بيٺل آهيون،پر جنهن چيو هو ته اسٽيل ملز جي ملازمن خلاف فيصلو ٿيو ته هو پي ٽي آءِ سان نه پر پورهيتن سان گڏ هوندو،هاڻ پنهنجي وعدي تي عمل ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*