وزيراعظم صاحب جيڪڏهن سياسي انتقامي مان واندڪائي ملي ته ڪرونا مريضن جي سار لهو

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب  چيو آهي ته عمران صاحب جو شهبازشريف تان ڌيان هٽجي ويو آهي ته پمز ۾ 12 اضافي وينٽي ليٽرز فراهم

ڪري،اسلام آباد ۾ ڪرونا متاثر روزانو وڌي رهيا آهن،هڪدم انفيوزن پمپس ۽ مانيٽر فراهم ڪيا وڃن.

جاري ڪيل بيان  ۾  ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته هينئر تائين وفاقي گادي واري شهر ۾  77 وينٽي ليٽرز بابت ڪابه ڄاڻ ناهي ته

اهي ڪٿي آهن؟.

هن چيو ته عمران صاحب 77 مان ڪجهه وينٽي ليٽرز پولي ڪلينڪ موڪلي ڏئي،ڪرونا مريضن جو خراب حال آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب جيڪڏهن سياسي انتقام مان واندڪائي ملي ته پمز ۽ پولي ڪلينڪ ۾ مستقل اي ڊي لڳرايو.

هن چيو ته عمران صاحب شهباز شريف جي باري ۾ سوچڻ مان واندڪائي ملي ته ڊي جي هيلٿ کي مڪمل چارج ڏيو.

ن ليگ  ترجمان چيو ته عمران خان  ڊرگ ريگيوليٽري  اٿارٽي ۾ به ڊاڪٽرن وٽ عارضي چارج آهي، ڪجهه ان ڏانهن به ڌيان ڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*