ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جو شڪار مريضن جو انگ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس  جو شڪار مريضن جو انگ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي، وڌيڪ 68 مريض موت  جي منهن  ۾ هليا ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ هڪ هزار 838 ٿي ويو.

ملڪ اندر ڪرونا جا وڌيڪ 4 هزار 896 ڪيس سامهون اچڻ بعد  متاثرن جو انگ وڌي 89 هزار 249 ٿي ويو آهي.

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس 575، پنجاب ۾ 629،ڪي پي ۾ 521 ۽ بلوچستان ۾ 53 حياتيون ڳڙڪائي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق  هينئر تائين اسلام آباد ۾ 41،گلگت بلتستان ۾ 12 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 7 شهري ڪرونا سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق سنڌ ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ 33 هزار 536، پنجاب ۾ 33 هزار 144،ڪي پي ۾ 11 هزار 890 ۽ بلوچستان ۾ 5 هزار 582 ٿي ويو آهي.

رپورٽس مطابق آزاد ڪشمير ۾ 299 ۽  گلگت بلتستان ۾ 852 ڪرونا کان متاثر ٿيا آهن.

اطلاعن مطابق  ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرونا جي 901 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*