سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ بعد ناياب ٿي ويو

پيٽرول سستو ٿيڻ بعد ناياب ٿي ويو، سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپس بند هجڻ سبب عوام پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪجهه علائقن ۾ کليل پمپس تي گاڏين جون قطارون لڳل آهن.

پيٽرول سستو ٿيڻ لاڀ عوام تائين پهچڻ بدران مورڳو پيٽرول ناياب ٿي ويو آهي.

سڄي ملڪ جيان سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ به پيٽرول ناياب ٿي ويو آهي، پيٽرول پمپ مالڪن پيٽرول بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪجهه علائقن ۾ کليل پيٽرول پمپس تي گاڏين جون قطارون لڳل آهن.

عوام وفاقي سرڪار کان پيٽرول پمپس مالڪن جي ڪَن مَهَٽ ڪري پيٽرول جي فراهمي فوري طور بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*