سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ آن لائين ڪلاسز شروع ڪرڻ جو فيصلو

خانگي اسڪولز کانپوءِ سنڌ جي  سرڪاري اسڪولن ۾ به آن لائين ڪلاسز شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري آن لائن ڪلاسز بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب يونيسيف ۽ مائڪرو سافٽ جي مدد سان ڇهين کان ميٽرڪ  تائين شاگردن جا آن لائن ڪلاسز هلندا.

سنڌ جي تعليم کاتي به  سرڪاري اسڪولن ۾ آن لائن ڪلاسز شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سيڪريٽري تعليم آن لائن ڪلاسز شروع ڪرڻ بابت نوٽيفڪيش به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب يونيسيف ۽ مائڪرو سافٽ جي مدد سان ڇهين کان ميٽرڪ  تائين شاگردن جا آن لائين ڪلاسز هلندا، آن لائن سيشن لاءِ آءِ ٽي ماهر به مقرر ڪيا ويا آهن.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*