پيپلزپارٽي ڪرونا وائرس بابت وفاق جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

پ پ ڪرونا وائرس بابت وفاق جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي انهن کي رد ڪري ڇڏيو.

پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه  جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسز جو انگ 90 هزارن کان وڌڻ ڳڻتي جوڳو ۽ خطرناڪ آهي.

هن چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت پاڪستان کي ڪرونا وائرس جو مرڪز بنائڻ گهري ٿي.

نفيسا شاهه  چيو ته ڪرونا سان فرنٽ لائين  تي وڙهندڙ طبي عملي جون قيمتي جانيون لاڳاتار ضايع ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته ڪرونا ڪيسن ۽ فوتگين  جي تعداد ۾اضافي جو ذميوار  سليڪٽيڊ وزير اعظم پاڻ آهي،وزير اعظم ڪرونا کي زڪام قرار ڏيڻ تي عوام کان معافي گهري.

پ پ اڳواڻ چيو ته هوٽلز، شاپنگ  مالز ۽ پبلڪ پارڪس کولي ڪري وفاقي حڪومت  عوام کي موت جي منهن ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*