ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 83 مريض فوت

ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 83 مريض فوت  ٿيڻ بعد انگ 2 هزار 255 ٿي ويو،جڏهن ته 5 هزار 385نوان ڪيسز ظاهر ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ اندر ڪرونا متاثرن جو تعداد وڌي ڪري هڪ لک 13 هزار 702 ٿي ويو.

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتين جو انگ 696 ٿي ويو، جڏهن ته متاثرن جو انگ 41 هزار  303ٿي ويو آهي.

پنجاب ۾ ڪرونا وائرس  807 حياتيون کسي ويو،جڏهن ته 43 هزار  460 شهري متاثر ٿيا آهن.

ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا سبب ڪي پي ۾ 610 ماڻهو فوت ۽  14 هزار 927  متاثر ٿيا آهن.

ڪمانڊ سينٽر مطابق  ڪرونا سبب بلوچستان ۾ 62 حياتيون ضايع ٿي ويون آهن، جڏهن ته متاثرن ۾  7 هزار 31 شهري شامل آهن.

اسلام آباد ۾ ڪرونا وائرس 57 شهرين جون حياتيون کسي ويو،جڏهن ته 5 هزار  963 شهري متاثر ٿيا آهن.

ڪرونا سبب گلگت-بلتستان ۾ 14 متاثر فوت ٿي ويا ۽  974 شهري متاثر ٿيا آهن،آزاد ڪشمير ۾ ڪرونا 9 شهرين کي کاڄ بڻائي ڇڏيو،جڏهن ته 444 شهري متاثر ٿيا آهن.

دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا راڱا جاري آهن، فوتين جو انگ وڌي ڪري  4 لک 13 هزار 731 ٿي ويو.

عالمي رپورٽس مطابق  ڪرونا وائرس سبب 73 لک 23 هزار  516  شهري متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 36  لک 3 هزار  893  مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

آمريڪا جيڪو دنيا جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي  وڌکان وڌ شهري موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن، اتي فوتين جو انگ هڪ لک 14 هزار 148 ٿي ويو.

رپورٽس مطابق برازيل ۾ ڪرونا وائرس 38 هزار 497 شهرين جون حياتيون کسي ويو  آهي.

روس  ۾ 6 هزار 142،برطانيا ۾ 40 هزار  883 ۽ اسپين ۾ 27 هزار  136 شهري زندگي جي بازي هارائي ويا.

رپورٽس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت ۾ 7 هزار 750،اٽلي ۾ 34 هزار 43،پيرو ۾ 5 هزار 738،جرمني ۾ 8 هزار 831 ۽  ايران ۾ 8 هزار 425 شهري فوت ٿي ويا.

ترڪي ۾ 4 هزار 729 ۽ فرانس ۾ 29 هزار 296  شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*