ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڏي انگ ۾ ڪيس ظاهر ٿيڻ جو سلسلو جاري

ملڪ ۾ ڪرونا وگهي فوتگين ۽ وڏي انگ ۾ ڪيس ظاهر ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 101 شهري ڪرونا جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي  2هزار 356 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ اندر  وڌيڪ 5 هزار 834 نوان ڪيس  سامهون اچي ويا،جنهن بعد  مريضن جو انگ هڪ لک 19 هزار 5 سئو 36 ٿي ويو.

ملڪ ۾ وڌيڪ 101  شهري ڪرونا وگهي فوت ٿيڻ بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 2 هزار 356 تي پهچي ويو.

ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي رپورٽ مطابق  پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان ٿيو آهي،جتي 841 متاثر فوت ٿي چڪا آهن.

انگ اکرن مطابق سنڌ ۾ 7 سئو 38  شهري ڪرونا جو کاڄ بڻجي ويا، جڏهن ته  43 هزار 790 وائرس  کان متاثر ٿيا آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ 619 ڄڻا ڪرونا سان وڙهندي موت جي منهن ۾ هليا ويا،جڏهن ته  15 هزار 2 سئو 6 وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

ڪرونا وائرس سبب  هينئر تائين بلوچستان ۾ 73 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن،جنهن بعد  4 هزار 670  شهري وبا  کان متاثر ٿيا آهن.

رپورٽس مطابق گلگت بلتستان ۾ 14 ۽ آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ 9 شهري ڪرونا سبب موت  جي ور چڙهي ويا آهن.

سموري دنيا ۾ ڪرونا سبب فوتين جو تعداد 4 لک 19 هزار  کان وڌي ويوآهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 74 لک  58 هزار 646 ٿي  ويو آهي.

عالمي رپورٽس مطابق ڪرونا وائرس دنيا ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ان جي باوجود صحتياب مريضن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي،اطلاعن مطابق  صحتياب  مريضن جو انگ 37 لک  51 هزار ٿي ويو آهي.

رپورٽس مطابق دنيا ۾ ڪرونا متاثر 53 هزار  888 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

آمريڪا ۾ 24 ڪلاڪن دوران وائرس وڌيڪ 497 شهري فوت ٿي ويا آهن،جنهن بعد فوتين جو تعداد  هڪ لک 15 هزار ٿي ويو آهي.

برازيل ۾ 6 لک  کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن، جتي وڌيڪ 204 شهري   فوت  ٿيڻ بعد انگ وڌي39 هزار 7 سو ٿي ويو آهي.

روس ۾ ڪرونا ۾ وڌيڪ 216 شهري فوت ٿيڻ بعد فوتين جو تعداد 6 هزار ٽي سو ٿي ويو.

برطانيا ۾ ڪرونا وڌيڪ 245 شهرين جون جانيون ڳڙڪائي ويو،جنهن بعد فوتين جو تعداد 41 هزار 128 تائين پهچي ويو.

اٽلي ۾ ڪرونا سبب فوتين جو انگ 34 هزار ن کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته ٻه لک 35 هزار شهري متاثر ٿيا آهن.

ڀارت ۾ ڪرونا سبب فوتين جو انگ 8 هزار هڪ سو کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو تعداد ٻه لک 87 هزار ٿي ويو.

جرمني ۾ فوتين جو تعداد  8 هزار 8 سو ۽ پيرو ۾ ڪرونا سبب 5 هزار شهري جان جي بازي هارائي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*