ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 88 حياتيون ڳڙڪائي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 88 حياتيون ڳڙڪائي ويو، 6 هزار 472 نوان ڪيسز به رپورٽ ٿيا آهن، مجموعي طور فوتين جو انگ وڌي 2 هزار 551 ۽ متاثرن جو تعداد هڪ لک 32 هزار  405 تائين پهچي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر مطابق  سنڌ ۾ ڪرونا کان متاثر 793 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ 938، ڪي پي ۾ 642  ۽ بلوچستان ۾ 80 مريضن ڪرونا سان وڙهندي دم ڏئي ڇڏيو.

ڪمانڊ سينٽر جي پڌرائي موجب اسلام آباد ۾ 71،گلگت بلتستان ۾ 16 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 11 شهرين جو ڏيئو اجهامي ويو،جڏهن ته  50 هزارن کان وڌيڪ مريض صحتياب ٿي ويا.

 نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ 14 سئو وينٽيليٽر ڪرونا مريضن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، هن وقت تائين رڳو 420 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق سموري ملڪ ۾ هينئر  تائين ڪرونا کان متاثر 50 هزار 56 کان وڌيڪ مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

رپورٽس مطابق سموري ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 29 هزار 850 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن بعد مجموعي طور تي 8 لک 39 هزار

ٽيسٽون ٿي ويون.

دنيا ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتين جو انگ وڌيڪ ڪري 4 لک 28 هزارن کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو تعداد 77 لک32 هزار 485 ٿي ويو آهي.

عالمي رپورٽس مطابق  دنيا ۾ ڪرونا وائرس کان  صحتياب مريضن جو انگ وڌي ڪري هڪ لک 16 هزار کان وڌي ويو آهي.

آمريڪا ۾ فوتين جو تعداد هڪ لک 16 هزار 825،برازيل ۾ 41 هزار 901،روس ۾ 6 هزار 715 ۽ ڀارت ۾ 8 هزار 890 ٿي  ويو.

برطانيا ۾ 41 هزار 481،اسپين ۾ 27 هزار 136،اٽلي ۾ 34 هزار 223 ۽ پيرو ۾ 6 هزار 303 شهري حياتيون وڃائي ويٺا.

جرمني ۾ڪرونا سبب  8 هزار 863،ايران ۾ 8 هزار 659،ترڪي ۾ 4 هزار 778 ۽ چلي ۾ 2 هزار 870 شهري جان جي بازي هارائي ويا.

ڪرونا جا فرانس ۾ هاڃا جاري آهن جتي فوتين جو  29 هزار 374  ٿي ويو آهي،جڏهن ته  ميڪسيڪو ۾ 16 هزار 448 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*