ملڪ ۾ ڪرونا جا وار جاري، وڌيڪ 97 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا

ملڪ ۾ قاتل ڪرونا جا وار جاري آهن، وائرس وڌيڪ 97 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ورتيون، جڏهن ته 5 هزار 248 نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 2 هزار 729 ۽ متاثرن جو انگ هڪ لک 44 هزار 478 تائين پهچي ويو آهي.

انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 54 هزار 138، سنڌ ۾ 53 هزار 805، خيبرپختونخواهه ۾ 18 هزار 13، بلوچستان ۾ 8 هزار 177، اسلام آباد ۾ 8

هزار 569، گلگت-بلتستان ۾ 53 هزار 805 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 647 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

پنجاب ۾ 969، سنڌ ۾ 831، خيبرپختونخواهه ۾ 675، بلوچستان ۾ 85، اسلام آباد ۾ 75، گلگت-بلتستان ۾ 61 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 12 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

اين سي او سي موجب هن مهل 86 هزار 309 مريض اسپتالن، قرنطينه مرڪزن ۽ گهرن اندر آئسوليٽ آهن، جڏهن ته 53 هزار 291 مريض

صحتياب ٿي چڪا آهن.سڄي دنيا ۾ ڪرونا وائرس وگهي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 4 لک 35 هزار 446 ۽ متاثرن جو انگ 79 لک 89

هزار 989 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 41 لک 8 هزار 29 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

امريڪا سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، جتي هيل تائين هڪ لک 17 هزار 853 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

ڪرونا وائرس برطانيا ۾ 41 هزار 687، اسپين ۾ 27 هزار 136 جرمني ۾ 8 هزار 869 ۽ ڀارت ۾ 9 هزار 520 حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي.

ترڪي ۾ 4 هزار 807، ايران ۾ 8 هزار 837، بيلجيم ۾ 9 هزار 655، ڪينيڊا ۾ 8 هزار 146، سعودي عرب ۾ 972، گڏيل عرب امارات ۾ 289 ۽ افغانستان ۾ 471 مريض فوت ٿي چڪا آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*