سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ ديرو ڄمائي ورتو

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ديرو جمائي ويٺل ماڪڙ جون تباهڪاريون جاري آهن، ماڪڙ فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا آهن پر حڪومت اسپري ڪرائڻ بدران رڳوٺلهن آسري ۾ پوري آهي.

ٿاڻو بولا خان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تازي برسات کانپوءِ لکن جي تعداد ۾ ماڪڙ پهچي وئي آهي.

ماڪڙ وونئن، جابلو وڻ ۽ ٻوٽا کائي ناس ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته تازي برسات کانپوءِ ڦٽل گاهه به نقصان پهچايو آهي، جنهن سبب مال جي چاري جي کوٽ جو خدشو آهي.

مٽياري ضلعي ۾ به ماڪڙ جا حملا جاري آهن، نيو سعيد آباد ۽ مٽياري سميت شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي.

ماڪڙ وونئڻ، گاهه ۽ ڀاڄيون کائي ناس ڪري ڇڏيون آهي جڏهن ته انبن جي باغن کي به نقصان پهتو آهي.

نواب ولي محمد ۾ به ماڪڙ ٽيون ڀيرو حملو ڪري گنوار، گاهه، جوئر ۽ فصل کي نقصان پهچايو آهي، جنهن سبب آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.

آبادگارن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ماڪڙ مار اسپري ڪرائي نقصان کان بچايو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*