ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن وٽ وفاق کان وڌيڪ اختيار اچي ويا آهن: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن وٽ وفاق کان وڌيڪ اختيار اچي ويا آهن  ۽ وڏن وزيرن کي ڊڪٽيٽرز جيترا پاور ملي ويا آهن.

گورنر هائوس ڪراچي ۾ سنڌي ميڊيا جي اينڪر پرسنز سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاق کان وڌيڪ اختيار صوبن کي مليل آهن ۽ اين ايف سي ۾ به مونجهارا آهن، جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

وزيراعظم چيو ته اين ايف سي ۾ فنڊر جي ورڇ اهڙي آهي جو دفاع لاءِ پئسا رکڻ ۽ قرضن جي ادائيگي کانپوءِ وفاق کي 700 ارب رپين جو خسارو ٿي وڃي ٿو، اهڙين شين کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سنڌي ميڊيا جي اينڪرز جي سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته اختيارين جي ورڇ ٽن سطحن تي ٿيڻ گهرجي پر هتي ائين نه پيو ٿئي، اختيار وفاق کان صوبن کي منتقل ٿين ٿا پر انهن اختيارين جي هيٺ منتقلي نه پئي ٿئي.

وزيراعظم عمران خان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اسان ڪرونا ۾ معاشي طور ماڻهن کي موت کان بچايو ۽ وائرس کي به منهن ڏنو پر بلاول ڀٽو زرداري کي ته خبر ئي ناهي ته غريب عوام ڪيئن زندگي گذاري ٿو.

عمران خان چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ سخت لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ته بلاول هائوس ۾ کاڌي پيتي سميت هر شئي ملندي پر غريب عوام خاص طور تي هڪ گهر ۾ 10-10 ڀاتي رهڻ وارا ڪيڏانهن ويندا.

وزيراعظم چيو ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس دوران سمورا فيصلا قبول ڪري ٿو پر سندس پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان جي مخالفت ۾ بيان ڏئي ڇڏي ٿو.

پاڻي جي ورڇ بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي عمران خان چيو ته پاڻي جي درست ورڇ ٽيلي ميٽري سسٽم ذريعي ئي ٿي سگهي ٿي، ماضي جي حڪومتن ۾ ڄاڻي واڻي ان سسٽم کي خراب ڪيو ويو، موجوده حڪومت ٽيلي ميٽري سسٽم خراب ڪرڻ وارن ذميوارن کي سزا ڏيندي.

کنڊ بحران ۽ شگر ڪميشن جي رپورٽ بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ٻن وڏين پارٽيز سان واسطو رکندڙ شگر ملز مالڪن 40 ارب رپين جي سبسڊي ورتي ۽  پئسا ڪمايا، ذميوارن کي بخش نه ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سرڪار سموري ملڪ ۾ غريب عوام جي مدد ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ احساس ڪفالت پروگرام تحت 60 رپيا ورهايا پيا وڃن.

وزيراعظم سنڌي ميڊيا جي اينڪرز سان ڳالهه ٻولهه دوران پي ٽي وي تي سنڌي ڊراما بند ٿيڻ ۽ اين ايف سي غيرقانوني جوڙجڪ بابت سوالن جا جواب نه ڏنا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*