عمران خان سميت ڪنهن به اڳواڻ کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ناهي ٿيو چوڌري نثار

وفاقي سرڪار، 30 نومبر تي پـِي ٽـِي جي آءِ جي ڌرڻي دوران اسلام آباد ۾ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته عمران خان سميت ڪنهن به اڳواڻ کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ناهي ٿيو، ڏٺو ويندو ته 30 نومبر کانپوءِ ڪير رهندو، تحريڪ انصاف سان ڳالهين جو فيصلو وزيراعظم نواز شريف ڪندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته عمران خان جي ڌرڻن کي اڳ به منهن ڏنو آهي، 30 نومبر واري ڌرڻن جي ڌمڪيءَ کي به ڏٺو ويندو.

هن چيو ته پي ٽي وي، سپريم ڪورٽ، وزيراعظم هائوس سميت اهم حساس عمارتن جي سڪيورٽي لاءِ فوج  مقرر هوندي، 9 هزار ايف سي اهلڪارن کي به گهرايو ويندو، هاڻي 31 آگسٽ واري صورتحال نه دهرائڻ نه ڏني ويندي.

چوڌري نثار چيو ته حڪومت هاڻي تحريڪ انصاف سان مضبوط پوزيشن ۾ ڳالهين جي خواهشمند آهي، پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو حتمي فيصلو وزيراعظم نواز شريف ڪندو.

وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته عدالتي ڪميشن ۾ ڳجهن ادارن جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جي آئين اجازت نٿو ڏئي، اميد آهي ته عمران خان ڳالهين وارو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ اهو مطالبو واپس وٺندو.

 هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار چيو ته لڳي ٿو ته طاهر القادري معاشي مسئلن ۽ ڪجهه ماڻهن کان ناراض ٿي پرڏيهه هليو ويو هو، جڏهن ته قادري کي خبر پئجي وئي هئي ته ڌرڻن جو ڪو به فائدو ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*