چيني فوج دره قراقرم جي اهم علائقي جي پوزيشن سنڀالي ورتي

چيني فوج دره قراقرم جي اهم علائقي جي پوزيشن سنڀالي ورتي.

چيني فوج گلوان ماٿري ۾ دره قراقرم ويجهو نئين پوزيشن سنڀالي ورتي آهي،جيڪا اسٽريٽجڪ لحاظ تمام گهڻي اهم آهي.

دره قراقرم کان 12 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڀارتي فوج جو دولت بيگ مليٽري بيس ۽ ايئر اسٽرپ  به موجود آهي.

دره قراقرم ، چين-پاڪستان  ۽ ڀارت  جو سنگم هجڻ سان گڏ  تڪراري علائقو به آهي.

سياچن کي مليٽري سپلائي سبب ان علائقي جي اهميت تمام گهڻي آهي، دره قراقرم  کان 300 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي شاهراه قراقرم آهي،جيڪو سي پيڪ جي روٽ ۽ پاڪستان جي اهم هاءِ ويز تائين وڃي ٿو.

گذريل ڏينهن وادي گلوان ۾ ڀارتي فوج سان ويڙهه کانپوءِ  چيني فوج جي ترجمان  چيو هو ته اهو ماٿري تي پنهنجي خودمختياري قائم رکندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*