ماڪڙ سبب سنڌ جا 22 ضلعا متاثر ٿيا آهن: صوبائي وزير اسماعيل راهو

صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته وزيراعظم سنڌ آيو پر وڏي وزير سان نه مليو، اها سليڪٽڊ حڪومت جي بدنيتي آهي، عمران خان پي ٽي آءِ نه پر سموري ملڪ جو وزيراعظم آهي.

وزيراعظم عمران خان جي سنڌ واري دوري تي رد عمل ظاهر ڪندي صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته  وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته ماڪڙ معاملي تي ڀارت ۽ ايران سان رابطي ۾ آهي پر حڪومت پاڙيسري ملڪن توڙي علائقائي سطح تي ماڪڙ جو معاملو اٿارڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

هن چيو ته وزيراعظم ماڪڙ جي خاتمي لاءِ ريگستاني علائقن ۾ اسپري لاءِ جهاز ۽ عملو ڏيڻ جو اعلان ڇو ناهي ڪيو؟سنڌ جا آبادگار انتظار ۾ هئا ته عمران خان ماڪڙ جي خاتمي لاءِ تڪڙن قدمن جو اعلان ڪندو پر وزيراعظم انهن کي مايوس ڪيو.

اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته ماڪڙ سبب سنڌ جا 22 ضلعا متاثر آهن پر وفاقي هيل تائين اسپري ناهي ڪرايو، خان صاحب اوهان سياست نه پر سنڌ کان ووٽ نه ڏيڻ جو پلاند وٺي رهيا آهيو، افسوس آهي ته حڪومت جي اتحادين به وزيراعظم آڏو ماڪڙ جو مسئلو نه اٿاريو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*