ڪرونا وائرس هڪ خطرناڪ حقيقت آهي: مرتضيٰ وهاب

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪرونا وائرس هڪ خطرناڪ حقيقت آهي، اسان حفاظت ڪرڻ سان ئي پاڻ ۽ ٻين کي هن وبا کان بچائي سگهون ٿا.

جاري ڪيل بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته گهرن مان نڪرڻ وقت هر شهري ماسڪ لازمي استعمال ڪري، ماسڪ کي کيسي، هٿ يا آفيس جي ٽيبل تي رکڻ جو فائدو ناهي.

هن چيو ته ماڻهو ماسڪ کي پنهنجي کاڏيءَ تي رکن ٿا، جيڪو غلط آهي، طبي ماهرن موجب ماسڪ جي استعمال سان وائرس کان گهڻي حد تائين بچي سگهجي ٿو.

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته عوام رش وارن هنڌن تي وڃڻ کان پاسو ڪري، ماسڪ اهڙي ريت پاتو وڃي، جيئن نڪ ۽ منهن پوريءَ طرح ڍڪجي وڃي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان اپيل ڪئي ته خدا جي واسطي هن وبا مان حفاظت لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪري حڪومت جو ساٿ ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*