ڪرونا جي روڪٿام لاءِ سنڌ جي شهرن ۾ لاڪ ڊائون

سنڌ ۾ڪورونا جي روڪٿام لاءِ متاثر علائقن ۾ اڄ کان ٻن  هفتن لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون شروع، ڪراچي  ۽ حيدر آباد جي مختلف علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ به بند، گهر جي رڳو هڪ فرد کي سيڌو سامان  خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي ۽ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ڪراچي  ۾ ڪرونا ڪيسز ۾ رڪارڊ واڌ بعد صدر، کارادر، لي مارڪيٽ، برنس روڊ، اردو بازار، ايم اي جناح روڊ، بهادرآباد، محمد علي سوسائٽي، طارق روڊ ۽ عيسيٰ نگري،گلشن حديد، ماڊل ڪالوني،ملير هالٽ، نارٿ ڪراچي، صفوران ڳوٺ ۽ گلشن اقبال جي مختلف بلاڪس سميت گلستان جوهر جي بلاڪ 2 ۽ 13 ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي.

لاڪ ڊائون دوران  واپاري سرگرمين، ٽرانسپورٽ ۽ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ سيڌي سامان جا دڪان ۽ ميڊيڪل اسٽورز صبح 6 کان شام 7 وڳي تائين کليل هوندا، شهرين کي غيرضروري طور گهرن مان نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سيڌي سامان جي خريدري لاءِ رڳو هڪ فرد ماسڪ پائي گهران نڪري سگهندو.

 حيدرآباد ۾ به  اڄ کان شهر جي 90 علائقن ، ٽائونز ۽ ڪالونين کي 14 ڏينهن لاءِ سيل ڪيو پيو وڃي.

حيدرآباد  جي لطيف آباد نمبر 6، مير حسن آباد ، مسلم سوسائٽي، نسيم نگر، جي او آر ڪالوني، گلستان سجاد سميت 90 علائقن ۾ لاڪ ڊائون هوندو .

لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ سيڌي سامان جا دڪان ۽ ميڊيڪل اسٽورز صبح 6 کان شام 7 وڳي تائين کليل هوندا، شهرين کي غيرضروري طور گهرن مان نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سيڌي سامان جي خريدري لاءِ رڳو هڪ فرد ماسڪ پائي گهران نڪري سگهندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*