ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 136 رڪارڊ فوتگيون

ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 136 ريڪارڊ  فوت ٿيڻ بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 3 هزار 229 ٿي ويو،جڏهن ته  4 هزار 944 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

ملڪ ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 65 هزار کان وڌي ويو.

ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق  سنڌ ۾ 964 مريض زندگي جي جنگ هارائي چڪا آهن،جڏهن ته 62 هزار 269 ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

ڪرونا سبب پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان ٿيو آهي، 12 سئو 65 حياتيون ضايع ٿي ويون، 61 هزار 678 ماڻهو قاتل وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

رپورٽس مطابق ڪي پي ۾ 773 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، 20 هزار 182 وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن.

ڪرونا وائرس سبب بلوچستان ۾ 99 ڄڻا موت جي منهن ۾ هليا ويا ۽  8 هزار 998 متاثر ٿيا آهن.

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪرونا جا 95 مريض فوت ٿي ويا،جڏهن ته  متاثرن جو انگ 9 هزار 941 ٿي ويو. رپورٽس مطابق ڪرونا سبب گلگت بلتستان ۾ 18 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 15 فوت ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*