گهوٽڪي ۽ ڪراچي ۾ رينجرز تي حملو، 2 رينجرز اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد

گهوٽڪي جي گهوٽا مارڪيٽ ويجهو بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 رينجرز اهلڪار ۽ هڪ ريلوي ملازم شهيد ٿي ويا آهن.

گهوٽڪي جي مصروف شاهراهه گهوٽا مارڪيٽ وٽ ان وقت ڌماڪو ٿيو جڏهن رينجرز اهلڪارن جي گاڏي معمول  جي گشت تي هئي ته ڌماڪو ٿي پيو آهي.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ رينجرز اهلڪار ظهور احمد، فياض احمد ۽ هڪ واٽهڙو ريلوي ملازم غلام مصطفيٰ ٿڏي تي دم ڏنو.

واقعي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع تي سکر مان رينجرز  اهلڪار جي ٽيم گهوٽڪي رواني ٿي وئي.

ڌماڪي کانپوءِ شهر جي سمورن اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي،  واقعي جي اطلاع تي شهر ۾ خوف و حراس ڇائنجي ويو.

ڌماڪي جي نوعيت معلوم ڪرڻ ڪرڻ لاءِ بم اسڪواڊ عملي واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي سيل ڪري سموري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

اهلڪارن پاران واقعي واري هنڌ تان شاهديون ۽ ثابتيون گڏ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ احساس ڪفالت سينٽر ٻاهران بيٺل رينجرز جي گاڏي تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾  هڪ ڄڻو مارجي

ويو ۽  8 زخمي ٿي پيا، موٽر سائيڪل سوار دهشتگرد رينجرز جي گاڏي تي ڪريڪر اڇلائي فرار ٿي ويا، مارجي ويل جي سڃاڻپ ڪاشف

طور ڪئي وئي آهي، ڪراچي ۾ گذريل 10 ڏينهن دوران رينجرز تي ٽيون حملو ٿيو آهي، گونر عمران اسماعيل ڊي جي رينجرز سان فون تي

رابطو ڪري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

موٽر سائيڪل سوار دهشتگرد لياقت آباد احساس ڪفالت سينٽر ٻاهران بيٺل رينجرز جي گاڏي تي دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

دهشتگردن جي حملي ۾ مارجي ويل جي سڃاڻپ ڪاشف طور ڪئي وئي آهي، مارجي ويل جو لاش زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ گذريل 10 ڏينهن دوران رينجرز تي ٽيون حملو ٿيو آهي،  ان کان اڳ قائد آباد ۽ گلشن اقبال ۾ به رينجرز جي گاڏين تي ڪريڪر حملا ڪيا ويا هئا.

واقعي کانپوءِ گورنر عمران اسماعيل جو ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر بخاري سان فون تي رابطو ڪري  واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

گونر جو  چوڻ آهي رينجرز جي جوانن تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*