پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس انتها تي پهچي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس انتها تي پهچي ويو،گذريل  24 ڪلاڪن دوران رڪارڊ 153 شهرين جي حياتي جو ڏيئو اجهامي ويو،، حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 3 هزار 382 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق  6 هزار 604 نوان ڪيسز به رپورٽ ٿيا آهن.

ملڪ جي مختلف شهرن مان آيل انگن اکرن مطابق ڪرونا  متاثرن جو انگ هڪ لک 71 هزار 666 تي پهچي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽرجي رپورٽ  مطابق  سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 65 هزار 163  شهري متاثر ٿيا آهن،جڏهن ته  هڪ هزار 13 ماڻهو فوت ٿي ويا.

پنجاب ۾ متاثرن جو انگ 64 هزار 216 ۽ فوتين جو انگ 13 سئو 47 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي رپورٽ مطابق ڪي پي ۾ 20 هزار 790 ماڻهو ڪرونا ۾ وٺجي ويا آهن،جڏهن ته  789  شهري فوت ٿي چڪا آهن.

بلوچستان ۾ ڪرونا جا 9 هزار 162 مريض متاثر ۽ فوتين جو تعداد 100  ٿي ويو.

وفاقي گادي واري شهر  اسلام آباد ۾ مريضن جو انگ 10 هزار 279 ٿي ويو،جڏهن ته  95 شهري جان جي بازي هارائي ويا، گلگت ۾ 21 ۽ آزاد

ڪشمير ۾ 17  شهري حياتيون وڃائي ويٺا.

دنيا ۾ ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول ٿي نه سگهيو، متاثرن جو انگ 87 لک 65 هزار کان وڌي ويو، جڏهن ته 4  لک 62 هزار 252 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا.

عالمي رپورٽس مطابق  آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ لک 21 هزار 407 ، برازيل ۾ 49 هزار 90 ۽ برطانيا ۾ 42هزار 461 مريض فوت ٿي ويا.

اٽلي ۾ ڪرونا وائرس سبب  34 هزار 561، فرانس ۾ 29 هزار 617، جرمني ۾ 8 هزار 960 ۽ ترڪي ۾ 4905 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.

 عالمي رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  ايران ۾ 9 هزار، بيلجيم ۾ 9 هزار 695 ۽ سعودي ۾ 1184 مريض فوت ٿي ويا.

ڪرونا وائرس سبب  پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ 12 هزار 970  ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*