فوج وزيراعظم عمران خان جي مڪمل حمايت ڪري رهي آهي: فواد چوڌري

سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جهانگير ترين زور لڳائي اسد عمر کي ناڻي جي وزارت تان هٽرايو،اسد عمر

ٻيهر ايندي ئي جهانگير ترين کي گهر ڀيڙو ڪرايو.

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته فوج وزيراعظم  عمران خان جي مڪمل حمايت ڪري رهي آهي.

هن چيو ته وزيراعظم پنهنجن وزيرن کي چئي ڇڏيو آهي ته توهان وٽ 5 مهينا آهن.

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته شاهه محمود قريشي  ۽ جهانگير ترين جي جهيڙي پارٽي کي ڪمزور ڪيو.

وفاقي وزير چيو ته وزير اعظم صوبائي حڪومتن جي ليڊرشپ ڪمزور ماڻهن کي ڏني، جيڪي هر ڳالهه تي ڊڪٽيشن وٺندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*