موسميات کاتي ملڪ ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين چوماسي برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

موسميات کاتي ملڪ ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر  تائين مون سون جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، مومسيات جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز موجب سنڌ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ برسات پوندي.

موسيات کاتي سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ايندڙ مهيني کان مون سون جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز موجب جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مون سون جون برساتون سيپٽمبر تائين جاري رهنديون.

سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هيل معمول کان 20 سيڪڙو وڌيڪ ، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ برسات پوندي ۽ درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*