پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 60 مريض فوت

چوويهن ڪلاڪن دوران  ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 60 شهري فوت،انگ 3 هزار 755 ٿي ويو،3 هزار  892 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ

مريضن جو تعداد هڪ لک 88 هزار 926 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر  مطابق سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 72 هزار 6 سئو 56 مريض متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته  11 سئو 24 ماڻهو قاتل

وائرس وگهي حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

رپورٽس مطابق پنجاب ۾ 15 سئو 16 ماڻهن دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد مريضن جو انگ 69 هزار 536 تائين پهچي ويو.

خيبرپختونخواهه ۾ 855 ڄڻا ڪرونا سان وڙهندي موت جي منهن ۾ هليا ويا ۽  23 هزار 388 قاتل وائرس ۾ ورتل آهن.

ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي رپورٽ مطابق بلوچستان ۾ هڪ سئو 6  فوت ۽ اسلام آباد ۾ هڪ سئو 8 ڄڻا ڪرونا جو کاڄ بڻجي ويا.

آزاد ڪشمير   ۽ گلگت بلتستان ۾ 23-23 شهري فوت ٿي ويا، اين سي او سي جو چوڻ آهي ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت ۾ ڪو به مريض وينٽي ليٽر

تي نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*