پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارت پاران لڳايل سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

پرڏيهي وزير  شاهه محمود قريشي چيو آهي ته  پاڪستان، ڀارت پاران لڳايل سمورن بي بنياد الزامن کي رد ڪري ٿو،ڀارت پاڪستاني

سفارتخاني جي عملي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪندو ته اسان به ڪنداسين.

پرڏيهي آفيس مان جاري بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ معاملن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ شوشا ڇڏيندو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ۾ اسان جي سفارتڪارن کي هراسان ڪيو ويو،ڀارتي هاءِ ڪميشن جا اڌ عملدار سامان ٻڌي ويهن.

هن چيو ته ڪابينا جي اندروني ڳالهه ٻولهه ميڊيا تي بحث هيٺ آڻڻ نامناسب آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پارٽي جي معاملن  تي ڳالهائڻ لاءِ پارٽي جا پنهنجا فورم موجود آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*