قمر زمان ڪائرا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو تبديل ڪرڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

لاهور هاءِ ڪورٽ  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام  جو نالو تبديل ڪرڻ  خلاف قمر زمان ڪائره  جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي وفاق  کي

نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت ڄاڻايو ته وفاقي حڪومت جي موقف کي ٻڌڻ بعد فيصلو ڪنداسين، عدالت حڪومت ۽ سيڪريٽري بي آءِ ايس پي کي پڻ نوٽيس جاري

ڪري ڇڏيا آهن.

ان کان اڳ پ پ پنجاب جي صدر  قمر زمان ڪائرا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو تبديل ڪرڻ  خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويو.

پ پ اڳواڻ موقف اختيار ڪيو ته حڪومت بي آءِ ايس پي جو نالو تبديل نٿي ڪري سگهي،ڇاڪاڻ ته پروگرام ايڪٽ آف پارليامينٽ  ذريعي

متعارف ڪرايو ويو.

هن چيو ته بي آءِ ايس پي جو نالو احساس پروگرام رکڻ غير قانوني آهي،عدالت حڪومت جي غير قانوني قدم کي ڪالعدم قرار ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*