ملڪ ۾ قاتل ڪرونا وائرس جا وار جاري

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 148 شهرين جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، انگ 3 هزار 903 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق  ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 4 هزار 44 ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جنهن بعد انگ هڪ لک 92 هزار 970 ٿي ويو.

رپورٽس مطابق سنڌ ۾ ڪرونا جا 74 هزار 70 ۽ پنجاب ۾ 71 هزار 191،ڪي پي ۾ 23 هزار 887 ۽ بلوچستان ۾ 9 هزار 817 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 11 هزار 710 ، آزاد ڪشمير ۾ 930 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

پنجاب ۾ هڪ هزار 602، سنڌ ۾ هڪ هزار 161 ۽ ڪي پي ۾ 869 شهرين جي زندگي جو ڏيئو اجهامي ويو.

اسلام آباد ۾ 115، بلوچستان ۾ 108 ۽ گلگت ۾ 23 شهري جان جي بازي هارائي ويا.

اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق آزاد ڪشمير  ۾ 25  فوت ٿي ويا آهن.

ڪرونا وائرس کان متاثر هيل تائين 81 هزار 307 مريض صحتياب  ٿي ويا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مطابق هن مهل تائين 11 لک 71 هزار 976 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن.

دنيا ۾ ڪرونا وائرس جون تباهيون جاري،فوتين جو انگ 4 لک 84 هزار 972 ٿي ويو،ڪرونا متاثرن جو تعداد 95 لک 27 هزار 125تائين

پهچي ويو،51 لک 75 هزار 406 شهري صحتياب،آمريڪا ۾ فوتين جو انگ وڌي هڪ لک 24 هزار 281، برازيل ۾ 53 هزار 874، روس ۾

8 هزار 513 ۽ ڀارت ۾ 14 هزار 907 ٿي ويو،برطانيا ۾ ڪرونا 43 هزار 81،اسپين ۾ 28 هزار 327،پيرو ۾ 8 هزار 586 ۽ چلي ۾ 4 هزار

731 حياتيون ڳڙڪائي ويو،اٽلي ۾ 34 هزار 644، ايران ۾ 9 هزار 996،ميڪسيڪو ۾ 24 هزار 324، جرمني ۾ 9 هزار، ترڪي ۾ 5 هزار ،فرانس ۾ 29 هزار 731 شهري فوت.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*