پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جعلي سرٽيفڪيٽس تي پائليٽس ڀرتي ڪيا: شهباز گل

وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص معاون شهبازگِل  چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جعلي سندن ۽ جعلي سرٽيفڪيٽس تي پائليٽس ڀرتي

ڪيا،هر کاتي ۾ ڪرپشن ۽ گندگي،هر چيز کي ٺيڪ ڪرڻو پئجي رهيو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ شهباز گِل چيو ته  توفيق  به الله تعاليٰ عمران خان کي ڏني ته اهڙن 262 پائليٽس  کي پڪڙي ۽ سزائون به ڏئي،وري پڇن ٿا ته

نئون پاڪستان ڪٿي آهي؟

شهباز گِل مخالف ڌر کي  سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته ماضي جي حڪمرانن جي غلط قدمن سبب ملڪ ۾ بحران آهي.

خاص معاون  چيو ته موجودهه حڪومت ماضي جي سمورين خرابين کي بهتر بڻائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*