سنڌ ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي، فصل کائي ناس
سنڌ حڪومت ۽ پلانٽ پروٽيڪشن اداري جي لاپرواهي سبب سنڌ اندر ماڪڙ فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيا، آبادگار ماڪڙ ڀڄائي پنهنجا فصل بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.
سنڌ ۾ ماڪڙ جا فصلن تي حملا جاري آهن، دريا خان مري ۽ ڀرپاسي جي علائقن کنري، کنڊو مري، جاڙي، کرڙو ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيا.
واهي پانڌي سميت ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ به ماڪڙ ديرو ڄمائي ويهي رهي، جنهن سبب آبادگار پريشانين جو شڪار آهن.
ميهڙ تعلقي اندر به ماڪڙ جا ڪٽڪ لٿل آهن، جنهن سارين جو پوکيل ٻيجارو ۽ ٻيا فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيا آهن.
آبادگارن پلانٽ پروٽيڪشن اداري ۽ سنڌ جي زراعت کاتي کان فوري طور اسپري ڪرائي فصل بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.