ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 59 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا

ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 59مريض  حياتيون وڃائي ويٺا،جنهن بعد انگ 3 هزار 962 ٿي ويو.

ملڪ اندر ڪرونا وائرس  جا 2 هزار 775 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ  انگ هڪ لک 95 هزار 745 تائين پهچي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق سنڌ ۾ 75 هزار 168 ۽ پنجاب ۾ 71 هزار 987  شهري متاثر ٿيا آهن.

ڪي پي ۾ متاثرن جو تعداد 24 هزار 303 ، بلوچستان ۾ 9 هزار 946 ،اسلام آباد ۾ 11 هزار 981 ، گلگت ۾ 1398 ، ۽ ڪشمير ۾ 962 ٿي ويو آهي.

 نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق پنجاب ۾ 1629، سنڌ ۾ 1178 ۽ ڪي پي ۾ 879 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 119، بلوچستان ۾ 109 ۽ گلگت ۾ 23 شهري حياتيون وڃائي ويٺا.

رپورٽس مطابق هيل تائين 84 هزار 168 مريض ڪرونا کي مات ڏئي صحتياب ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*