ماڪڙ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل کائي ناس ڪري ڇڏيو
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي، سوين ايڪڙ تي بيٺل فصل کائي ناس ڪري ڇڏيو، آبادگارن جو چوڻ آهي ته ماڪڙ سندن فصل کائي ناس ڪري ڇڏيو آهي، نوشهروفيروز ۾ ماڪڙ کي ڀڄائڻ لاءِ آبادگارن دهل ۽ ٿالهه وڄائڻ لڳا.
ميهڙ تعلقي ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچڻ جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، سارين جو پوکيل ٻيجاري تي ماڪڙ حملو ڪري سمورو ٻيجارو چٽ ڪري ڇڏيو آهي.
ڪڪڙ ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ماڪڙ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل سمورو فصل تباهه ٿي ويو آهي، ماڪڙ سبب زميندار ۽ هارين جا هٿ تي هٿ اچي ويا.
ماڪڙ سبب ٿاڻو بولا خان جي مختلف ڳوٺن ۾ بيٺل سوين ايڪڙن تي وونئڻ جو فصل کي به تمام گهڻو نقصان پهچي چڪو آهي.
نوشهروفيروز ۾ آبادگارن دهل ۽ ٿالهه وڄائي ماڪڙ کي ڀڄائڻ جو طريقو استعمال ڪرڻ لڳا آهن.
مٺياڻي، ٺٽ ڳوراهو، ديهه ٻيلو، نوان جتوئي، پراڻا جتوئي، ڏيپارجا، ديهه وڳڻ، ابڙان ۽ دليپوٽا ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ فوري طور قدم کڻي سندن فصل بچايا وڃن.