هٿين خالي ڪشميري بجلي جي جهٽڪن ۽ تشدد کي منهن ڏئي رهيا آهن: وزيراعظم عمران خان

دنيا ۾ تشدد جو شڪار ماڻهن جي عالمي ڏينهن تي وزير اعظم عمران خان ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته هٿئين خالي ڪشميري پيلٽ گن، جنسي تشدد، بجلي جي جهٽڪن ۽ تشدد کي منهن ڏئي رهيا آهن.

وزيراعظم عمران خان چيو ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن  جي ڀڃڪڙين جي ذميدار ڀارت کي قرار ڏئي.

عمران خان چيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين طرف ڌيان ڏيارڻ گهران ٿو، عالمي برادري ڀارت کان آڏي پڇا ڪري.

هن چيو ته ڪشميرين تي تشدد  عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*