ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 74 مريض فوت

ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 74 مريض فوت  ٿيڻ بعد انگ وڌي  4 هزار 35 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جا 3هزار 138نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جنهن بعد  انگ هڪ لک 98 هزار 883 تائين پهچي  ويو.

ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي پڌرائي موجب سنڌ ۾ فوتين جو تعداد ٻارهن سو پنج، پنجاب ۾ هڪ هزار 656، ڪي پي ۾ 890 ۽ بلوچستان ۾ 113 ٿي ويو.

اسلام آباد ۾ 120، گلگت بلتستان ۾ 23 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 28 شهري زندگي جي بازي هارائي ويا.

اين سي او سي مطابق هيل تائين 86 هزار 906 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن،جڏهن ته  هڪ لک 7هزار 942 ايڪٽو ڪيسز سامهون اچي ويا آهن.

ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ 24ڪلاڪن دوران 21 هزار 33 ٽيسٽون ڪيون ويون،جڏهن ته  516 مريض وينٽي ليٽرز تي موجود آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*