عوام جي ڀلائي پهرين اوليت آهي: شبلي فراز

سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڪرونا جي وبا سموري دنيا جي معيشتن کي متاثر ڪيو،عالمي سطح  تي پيٽروليم مصنوعات  جي قيمتن ۾ جوڳو اضافو ٿيو ،پيٽرول جي مصنوعات ۾ واڌ سبب قيمتن تي نظرثاني ڪرڻي پئي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي شبلي فراز چيو ته خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پيٽروليم جي شين جي اگهه ۾ گهٽ اضافو ٿيو آهي.

سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چيو ته عوام جي ڀلائي پهرين اوليت آهي،ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين.

واضح رهي ته حڪومت پيٽروليم جي مصنوعات جي اگهه ۾ ريڪارڊ اضافو ڪيو آهي.جنهن سبب عوام کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*