ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 49 مريضن دم ڏئي ڇڏيو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 49 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 4 هزار 167 ٿي ويو، 3 هزار 557 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيل مريضن جو انگ 2 لک 6 هزار 512 تي پهچي  ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 9 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 3 هزار 5 سئو 57 پازيٽو آيا.

سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 80 هزار 4 سئو 46 ماڻهو ڪرونا وائرس ۾ ورتل آهن، جڏهن ته 1269 ماڻهو فوت ٿي چڪا  آهن.

پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان ٿيو آهي، جتي 16 سئو 81 مريض دم ڏئي چڪا آهن، جڏهن ته 74هزار 7 سئو 78 ماڻهو قاتل وائرس ۾ ورتل آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ 9 سئو 22 مريض ڪرونا سان وڙهندي موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن، اتي 25 هزار 778 اڃا به وائرس ۾ مبتلا آهن.

ان کان علاوه بلوچستان ۾ فوتين جو انگ هڪ سئو 16 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 هزار 3 سئو 76 ڪيس رپورٽ  ٿي چڪا آهن.

اسلام آباد ۾ 127، گلگت بلتستان ۾ 24 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 28 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، مجموعي طور تي هيل تائين 4 هزار هڪ سئو 67 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

سموري دنيا ۾ ڪرونا سٽيل مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ 2 لک کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 5 لک کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

سموري دنيا ۾ قاتل ڪرونا جون تباهيون جاري آهن، 24 ڪلاڪن دوران مختلف ملڪن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ فوتگيون سامهون آيون آهن.

هيل تائين سڀ کان وڌيڪ آمريڪا ۾ هڪ لک 28 هزار 4 سئو 37 مريض دم ڏئي چڪا آهن، جڏهن ته برازيل ۾ 57 هزار 6 سئو 58 ۽ برطانيه ۾ 43 هزار 514 ماڻهو قاتل وائرس سان وڙهندي موت جي منهن ۾ هليا ويا.

اٽلي ۾ به وڏو جاني نقصان ٿيو آهي، جتي 34 هزار 716 ڄڻا ڪرونا سان وڙهندي زندگي جي جنگ هارائي ويا، جڏهن ته فرانس ۾ به 29 هزار 7 سئو 78 مريض فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.

ان کان علاوه جرمني ۾ 9 هزار 26، بيلجيئم ۾ 9 هزار 732، ڀارت ۾ 16 هزار 3 ۽ افغانستان ۾ 703 متاثر فوت ٿيا آهن، جڏهن ته سعودي عرب ۾ هڪ سئو 55 ۽ گڏيل عرب امارات ۾ 311 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*