ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو، چار ئي دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي چئن دهشتگردن کي ماريو ويو، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ 4 سڪيورٽي گارڊ به شهيد ٿي ويا، ٽن پوليس اهلڪارن سميت ڪيترائي زخمي به ٿي  پيا.

پوليس موجب جديد هٿيارن سان ليس چار دهشتگرد نيري رنگ جي هڪ گاڏي ۾ سوار  ٿي آءِ آءِ چنديڳڙهه روڊ تي واقع پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي احاطي ۾ داخل ٿيا ۽ گاڏي مان نڪرندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني.

ان موقعي تي عمارت جي سڪيورٽي تي موجود گارڊز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن دهشتگردن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته دهشتگردن دستي بمن سان حملو ڪيو، جتي سڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري هڪ دهشتگرد کي موقعي تي ماري ڇڏيو.

3 دهشتگرد ٽريڊنگ هال ۾ داخل ٿيا، جتي انهن انڌا  فائرنگ ڪئي،  جنهن بعد واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج پهتي.

ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته صورتحال قابو ۾ آهي ۽ چئني دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ رينجرز جي ترجمان به حملي ۾ سمورن دهشتگردن کي مارڻ جي تصديق ڪئي آهي.

دهشتگردن کي مارڻ کانپوءِ عمارت ۾ ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته فائرنگ ۾ زخمي ۽ لاشن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل حملي آورن جي عمر 22 کان 28 سالن تائين جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته حملي ۾ شهيد ٿي ويل هڪ پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ شاهد علي ۽ سڪيورٽي گارڊ جي سڃاڻپ افتخار احمد جي نالي سان ڪئي وئي آهي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته 2 کان 3 شڪي ماڻهن کي پوليس واقعي واري هنڌ تان گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دهشتگردن وٽان مليل هٿيارن کي فرانزڪ ليبارٽري ڏانهن موڪليو ويو آهي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ايم ڊي جو چوڻ آهي ته خدا جو شڪر آهي ته دهشتگرد اندر هال ۾ داخل نه ٿيا، هاڻي ڪاروبار معمول موجب هلي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*