ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 118 مريض فوت

ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 118ڄڻا فوت ٿي ويا،فوتين جو  انگ 4 هزار 285 ٿي ويو، جڏهن ته 2هزار 846 نوان ڪيس  ظاهر ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جي  مريضن جو 2 لک 9 هزار 337 تي پهچي ويو.

اين سي او سي  مطابق  ملڪ ۾ صحتياب مريضن جو انگ 98 هزار 503 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا کان سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي  آهي، مريضن جو انگ 81 هزار 985 ٿي ويو.

پنجاب ۾ مريضن جو انگ 75 هزار 501  ۽ ڪي پي ۾ ڪرونا مريضن جو انگ 26 هزار 115 ٿي ويو.

بلوچستان ۾ ڪرونا جا  10 هزار 426 ۽ اسلام آباد ۾ 12 هزار 775 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق آزاد ڪشمير ۾ 1065 ۽ گلگت ۾ 1470مريض علاج هيٺ آهن.

دنيا ۾ ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول نه ٿيو، فوتين جو انگ وڌي ڪري 5 لک 8 هزار 84 ٿي ويو.

دنيا ۾ ڪرونا کان متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ 4 لک 9 هزار 239 ٿي ويو.

آمريڪا ۾ فوتين جو تعداد هڪ لک 28 هزار 783 ٿي ويو، برازيل ۾ 58 هزار 385، روس ۾ 9 هزار 166،ڀارت ۾ 16 هزار 904، برطانيا ۾ 43 هزار 575، اسپين ۾ 28 هزار 346 ۽  پيرو ۾ 9 هزار 504 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

چلي ۾ 5 هزار  575، اٽلي ۾ 34 هزار 744، ايران ۾ 10 هزار 670 ۽ ميڪسيڪو ۾ 27 هزار 121 شهري فوت ٿي ويا.

عالمي رپورٽس مطابق  هينئر تائين 56 لک 64 هزار 493 شهري صحتياب ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*