ڪجهه قوتون پاڪستان ۾ استحڪام ڏسڻ نٿيون گهرن: شاهه محمود قريشي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  چيو آهي ته ڪجهه قوتون پاڪستان ۾ استحڪام ڏسڻ نٿيون گهرن ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ گهرن ٿيون.

جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت اپوزيشن کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو هو،اهو ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته ڀارت ، پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ گهري ٿو،ڀارت، پاڪستان مخالف قوتن کي استعمال ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته  ڪشمير جو مسئلو اٿارڻ تي نئين سازش ڪئي ويندي آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته  ڀارت نه صرف پاڪستان ۾ پر   افغانستان ۾ به امن نٿو چاهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*