ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جا وڌيڪ 91 مريض فوت

ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران  ڪرونا جا وڌيڪ 91 شهري فوت  ٿي ويا،جنهن بعد انگ وڌي 4 هزار 395 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 133 مريضن جي تصديق ٿي وئي آهي.

رپورٽس مطابق ملڪ  اندر ڪرونا وائرس جي مجموعي ڪيسز جو تعداد 2 لک 13 هزار 470 ٿي ويو،جڏهن ته هڪ لک 802 مريض

صحتياب ٿي ويا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينتر مطابق سنڌ ۾ ڪرونا سبب فوتين جو تعداد هڪ هزار 377 ۽ پنجاب ۾ هڪ هزار 762 تائين پهچي ويو.

ڪي پي ۾ ڪرونا سبب فوتين جو انگ 951،اسلام آباد ۾ 128  ۽ بلوچستان ۾ 121 ٿي ويو آهي.

آزاد ڪشمير ۾ ڪرونا سبب 30 ۽ گلگت بلتستان ۾ 26 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*