ڀارت خطي ۾ امن کي سبوتاز ڪري سگهي ٿو: شاهه محمود قريشي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  چيو آهي ته ڀارت پنهنجن داخلي ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ خطي ۾ امن کي سبوتاز ڪري سگهي ٿو،خطي ۾

امن جي صورتحال بابت عالمي برادري کي مسلسل باخبر رکي رهيا آهيون.

اسلام آباد ۾ افغانستان بابت خاص ايلچي محمد صادق سان ڳالهائيندي  شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت بلوچستان  ۾ لاڳاتار مداخلت ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته  افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام  پوري خطي  جي تعمير ۽ ترقي لاءِ  اڻٽر آهي.

هن چيو ته پاڪستان نيڪ نيتي سان افغان امن عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ۾ دهشتگرد ماڻهن کي يرغمال بنائڻ گهريو ٿي، جڏهن ته جوانن  دهشتگردن جي

حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

هن چيو ته ان کان اڳ به اسان جي ايجنسين  دهشتگردي جي چئن منصوبن کي ناڪام بڻايو هو،انهن جي رٿابندي به ڀارت ۾ ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*