ملڪ اندر قاتل ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري

ملڪ اندر قاتل ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري آهي،نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق وڌيڪ 78 مريضن دم ڏئي ڇڏيو،جنهن بعد فوتين جو انگ 4 هزار 551 ٿي ويو.

جاري ڪيل رپورٽ مطابق ملڪ اندر ڪرونا جا  4 هزار 87 نوان ڪيس  رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته متاثرن جو انگ 2 لک 21 هزار 896 تائين پهچي ويو.

 سنڌ ۾ هڪ هزار 437 شهري فوت ٿي ويا،جڏهن ته 89 هزار 225 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي رپورٽ مطابق  پنجاب ۾ هڪ هزار 819 متاثر فوت ٿيا آهن،جڏهن ته  متاثرن جو انگ  78 هزار 956 ٿي ويو.

خيبرپختونخواهه ۾ 993، بلوچستان ۾ 112، اسلام آباد ۾ 129، گلگت-بلتستان ۾ 28 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 33 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري،فوتين جو تعداد 5 لک 24 هزار 88 ٿي ويو.

عالمي رپورٽس مطابق  دنيا ۾ ڪرونا متاثرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 9 لک 85 هزار 656 ٿي ويو ۽ 61 لک 40 هزار 827شهري صحتياب ٿي ويا.

آمريڪا ۾ فوتين جو انگ هڪ لک 31 هزار 485، برازيل ۾ 61 هزار 990 ۽ روس ۾ 9 هزار 683 ٿي ويو.

ڀارت ۾ 18 هزار 225،اسپين ۾ 28 هزار 368 ۽ پيرو ۾ 10 هزار  شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

چلي ۾ 5 هزار 920،برطانيا ۾ 43 هزار 995،اٽلي ۾ 34 هزار 818 ۽ ميڪسيڪو ۾ 29 هزار شهري اجل جو شڪار  ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*