فيصل واوڊا خلاف نااهلي واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير فيصل واوڊا خلاف نااهلي ڪيس  جي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق رجسٽرار آفيس کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

 درخواست گذار جي وڪيل جهانگير جدون استدعا ڪئي ته ڪيس کي ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي،اليڪشن ڪميشن وٽ  نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت فيصل واوڊا آمريڪي شهري هو. هن خلاف رٽ پٽيشن جي گذريل ٻڌڻي 29 جنوري 2020 تي ٿي هئي.

درخواست گذار چيو ته فيصل واوڊا آمريڪي شهرت ختم ڪرڻ جي درخواست  22 جون تي جمع ڪرائي.

هن استدعا ڪئي ته فيصل واوڊا  غير قانوني  طور تي پبلڪ آفيس سنڀالي رهيو آهي،انڪري ان کي نااهل قرار ڏنو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*