حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي: شاهد خاقان عباسي

ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي ڪيس ۾   احتساب عدالت نيب کي ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ 6 آگسٽ  تائين حتمي مهلت  ڏئي ڇڏي.

نيب جي وڪيل استدعا ڪندي چيو ته  عدالت کان ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ 4 هفتن جو وقت ڏنو وڃي.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته شاهد خاقان عباسي خلاف ڪجهه نئون ريڪارڊ مليو آهي،جنهن جو جائزو وٺي رهيا آهيون.

نيب مطابق ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ ٽن کان چئن هفتن جو وقت گهربل هوندو.

احتساب عدالت ڄاڻايو ته نيب کي آخري ڀيرو وقت ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ضمني ريفرنس ايندو ته فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو..

حاضري کانپوءِ  ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سياستدانن کي بدنام ڪرڻ لاءِ نيب استعمال ٿي رهيو آهي،نيب جي ڪري ملڪي ترقي جو عمل رڪجي ويو آهي.

هن چيو ته اسان تي سڀئي الزام بي بنياد آهن، اڄ ڪو به ماڻهو ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه پيو ڪري.

هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان مائنس ون جي ڳالهه پاڻ پيو ڪري،هو ٻڌائين ته سندن پارٽي مان ڪير  ائين چاهي ٿو.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي،حڪومت هلي ئي نه رهي آهي، عمران خان هر پل ملڪ تي بار محسوس ڪيو وڃي پيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*