ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 68 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس  وگهي وڌيڪ 68 مريض فوت ٿي ويا،جنهن بعد انگ وڌي 4  هزار 619  ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ اندر ڪرونا جا 3هزار 387نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جنهن بعد متاثرن جو انگ 2 لک 25 هزار 283 تائين پهچي ويو .

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 90 هزار 721 ۽ پنجاب ۾ 82هزار 297  ڪرونا وائرس ۾ وٺجي ويا.

رپورٽس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪي پي ۾ ڪرونا وائرس متاثرن جو انگ  27هزار 506 ۽ بلوچستان ۾ 10 هزار 717 ٿي ويو.

اسلام آباد ۾ ڪرونا متاثرن  جا  13 هزار 292 ۽ گلگت ۾ هڪ  هزار 536 ڪيسز  سامهون اچي ويا.

ڪرونا وائرس سبب آزاد ڪشمير ۾ 34  شهري فوت ۽ متاثرن جو انگ  1214 ٿي ويو.

اين سي او سي  مطابق  هينئر تائين هڪ لک 25 هزار 94 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.جڏهن ته هن مهل 95 هزار 570 مريض علاج هيٺ آهن.

دنيا ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ بعد  انگ وڌي 5 لک 29 هزار 127 ٿي ويو.

عالمي رپورٽس مطابق دنيا ۾ متاثرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 11 لک 91 هزار 810 ٿي ويو،جڏهن ته 63 لک 30 هزار 816 شهري صحتياب ٿي ويا.

آمريڪا ۾ ڪرونا بي قابو ٿي ويو،فوتين جو انگ وڌي هڪ لک 32 هزار 101 ٿي ويو.

برازيل ۾ 63 هزار 254،روس ۾ 9 هزار 859  ڀارت ۾ 18هزار 669 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

اسپين ۾ 28 هزار 385،پيرو ۾ 10 هزار 226،چلي ۾ 6 هزار ۽ برطانيا ۾ 44 هزار 131 شهري جان جي بازي هارائي ويا.

رپورٽس مطابق ميڪسيڪو ۾ 29 هزار 843،اٽلي ۾ 34 هزار 833،ايران ۾ 11 هزار 260،ترڪي ۾ 5 هزار 186 ۽  فرانس ۾ 29 هزار 893 شهري فوت ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*