اپوزيشن عمران خان جو ڪجهه به بگاڙي نٿي سگهي: شيخ رشيد

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اسان نه آخري چوائس آهيون، نه ئي مائنس ون،جيڪڏهن مائنس جي ڳالهه آئي ته مائنس  ٿري ٿيندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پي ٽي آءِ جي وزيرن کي گذارش آهي ته هو پنهنجا گندا ڪپڙا  ميڊيا تي نه ڌوئين.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته 14 ڀيرا وزير رهيو آهيان، پر مون کي هڪ انجيڪشن نه ملي رهي هئي.

ريلوي جي وزير چيو ته کنڊ مافيا وارو ڪيس انتهائي سنجينده ٿي سگهي ٿو،هي اپوزيشن  عمران خان جو ڪجهه به بگاڙي نٿي سگهي.

هن مخالف ڌر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مخالف ڌر جون ٻئي پارٽيون سڳ سوڌو پڪڙيون ويون آهن،انهن جي جان ڇٽي نٿي سگهي..

ريلوي جي وزير چيو ته مخالف ڌر نالائق آهي، اها ڪجهه به ڪري نٿي سگهي، عمران خان ملڪ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي.

شيخ رشيد  چيو ته جڏهن مان چوندو هيس ته نوازشريف کي وڃڻ ڏيو،ڇاڪاڻ ته ان کي وڃڻو ئي هو.

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته پيٽرول جي قيمت صحيح وقت تي گهٽ نه ڪئي وئي،اهو وقت پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نه هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*