برطانيا نوازشريف ۽ متحده باني کي پاڪستان حوالي ڪري : فواد چوڌري

سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري برطانيه کان نواز شريف ۽ متحده باني کي پاڪستان حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي  ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته نواز شريف ۽ متحده باني پاڪستان جي عدالتن کي گهربل آهن.

هن چيو ته نواز شريف ۽ متحده باني جي برطانيه ۾ رهائش انصاف جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.

فواد چوڌري، برطانوي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نواز شريف ۽ متحده باني کي پاڪستان حوالي ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*