وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا به ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو

صحت بابت وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا به ڪرونا وائرس ۾ وٺجي ويو، جنهن بعد هن پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

ڊاڪٽر ظفر مرزا ٽوئٽ ذريعي ڪرونا وائرس ۾ مبتلا هئڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته سندس ڪرونا ٽيسٽ مثبت آئي، ڊاڪٽرن جي هدايتن موجب سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي پاڻ کي گهر ۾

آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

خاص معاون چيو ته ڪرونا جون علامتون گهٽ ظاهر ٿيون آهن، عوام کي اپيل آهي ته صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وڃي.

واضح رهي ته هيل تائين ڪيترائي قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جا ڪيترائي ميمبر ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*