ملڪ اندر چوويهن ڪلاڪن اندر وڌيڪ 71 شهري زندگي جي جنگ هارائي ويا

ملڪ اندر 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 71 شهري حياتيون وڃائي ويٺا،جنهن بعد فوتين جو تعداد وڌي ڪري 4 هزار 839 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق  ملڪ ۾ ڪرونا وائرس کان متاثر مريضن جو تعداد 2 لک 34 هزار 509 ٿي ويو.

رپورٽس مطابق سنڌ ۾ متاثرن جو تعداد 96 هزار 236،پنجاب ۾ 82 هزار 669 ۽ ڪي پي ۾ 28 هزار 236 تائين پهچي ويو آهي.

بلوچستان ۾ متاثرن جو انگ 10 هزار 841،اسلام آباد ۾ 13 هزار 557،گلگت ۾ هڪ هزار 587 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 383 ٿي ويو.

ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق سنڌ ۾ هڪ هزار 572،پنجاب ۾ هڪ هزار 899 ۽ ڪي پي ۾ هڪ هزار 38 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

اسلام آباد ۾ فوتين جو انگ 140،بلوچستان ۾ 124،گلگت ۾ 30 7  ۽ آزاد ڪشمير ۾ 36 ٿي ويو.

دنيا ۾ ڪرونا جا هاڃا جاري آهن،فوتين جو انگ وڌي ڪري 5 لک 40 هزار 677 ٿي ويو.

عالمي رپورٽس مطابق دنيا ۾ متاثرن جو تعداد وڌي ڪري هڪ ڪروڙ 17 لک40 هزار 105 ٿي ويو، جڏهن ته 67 لک،36 هزار 391 صحتياب ٿي ويا.

آمريڪا ۾ فوتين جو تعداد هڪ لک 32 هزار 979،برازيل ۾ 65 هزار 556،ڀارت ۾ 20 هزار 174 ۽ روس ۾ 10 هزار 296  ٿي ويو.

پيرو ۾ 10 هزار 772،اسپين ۾ 28 هزار 388،چلي ۾ 6 هزار 384،برطانيا ۾ فوتين جو انگ 44 هزار 236 ٿي ويو.

ميڪسيڪو ۾ 31 هزار 119،ايران ۾ 11 هزار 731،اٽلي ۾ 34 هزار 869،سعودي عرب ۾ هڪ هزار 968 ۽ فرانس ۾ 29 هزار 920 حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*