ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 75 حياتيون ڳڙڪائي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 75 حياتيون ڳڙڪائي ويو، فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 58 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن دوران 27 سئو 51 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد مريضن جو انگ 2 لک 43 هزار 599 تائين

پهچي ويو.

رپورٽس مطابق  سنڌ ۾ ڪرونا جا سڀ کان وڌيڪ هڪ لک 900 مريض سامهون اچي ويا ،جڏهن ته  16 سئو 77 شهري حياتيون وڃائي ويٺا

آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان ٿيو آهي، 19 سئو 72 ڄڻا جان جي بازي هارائي ويا ۽  85 هزار

261 ڪرونا وائرس کان متاثر ٿيا آهن.

جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪي پي ۾ ڪرونا جي ڪيسن جو انگ  29 هزار 406 ٿي ويو ۽  هڪ هزار 63 شهري ڪرونا جو کاڄ بڻجي چڪا

آهن.

بلوچستان ۾ ڪرونا وائرس 125 جانيون ڳڙڪائي ويو ۽ متاثرن جو انگ  11 هزار 99 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي رپورٽ مطابق گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 146، گلگت بلتستان ۾ 34 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 41 شهري حياتيون

وڃائي ويٺا آهن.

دنيا ۾ ڪرونا وائرس سبب 5 لک57 هزار 405 مريض فوت ٿي چڪا آهن،جنهن بعد متاثرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 23 لک89 هزار 559 ٿي

ويو.

آمريڪا دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪرونا کان متاثر ٿيل ملڪن ۾ شامل آهي،جتي فوتين جو تعداد هڪ لک 35 هزار 822 تائين پهچي ويو آهي.

عالمي رپورٽس مطابق برازيل ۾ 69 هزار 254،ڀارت ۾ 21 هزار 623،روس ۾ 10 هزار 843 ۽ پيرو ۾ 11 هزار 314جانيون ضايع ٿي ويون

آهن.

رپورٽس مطابق چلي ۾ 6 هزار 682،اسپين ۾ 28 هزار 401 ۽ برطانيا ۾ 44 هزار 602 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

رپورٽس مطابق ميڪسيڪو ۾ 33 هزار 526،ايران ۾ 12 هزار 305،اٽلي ۾ 34 هزار 926،جرمني ۾ 9 هزار 125 ۽ فرانس ۾ 29 هزار 979

شهري فوت ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*