ملڪ اندر ڪرونا وائرس وگهي 65 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا

ملڪ اندر  ڪرونا وائرس وڌيڪ 65 جانيون ڳڙڪائي ويو،جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي  5 هزار 123 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا وائرس سبب  سنڌ ۾ هڪ هزار 713 ۽ پنجاب ۾ هڪ هزار 985 شهرين جون حياتيون

ضايع ٿي ويون.

رپورٽس مطابق ڪي پي ۾ هڪ هزار 74،اسلام آباد ۾ 147،بلوچستان ۾ 126،گلگت ۾ 36 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 42 شهري جانيون وڃائي ويٺا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق  ڪرونا جا وڌيڪ2 هزار 752 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جنهن بعد متاثرن جو تعداد 2 لک 46 هزار 351 ٿي ويو.

جاري ڪيل رپورٽ مطابق سنڌ ۾ هڪ لک 2هزار 368،پنجاب ۾ 85 هزار 991 ۽ ڪي پي ۾ 29 هزار 775 متاثر ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق اسلام آباد ۾ 13 هزار 927،گلگت ۾ هڪ هزار 630،بلوچستان ۾ 11هزار 128 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ

هزار 532 شهري ڪرونا کان متاثر ٿيا آهن.

دنيا ۾ ڪرونا تي ڪنٽرول نه ٿيو،فوتين جو انگ وڌي 5 لک 62 هزار 823 ٿي ويو،جڏهن ته متاثرن جو انگ وڌي هڪ ڪروڙ 26 لک 26

هزار 174 ٿي ويو ۽ 73 لک 61 هزار 760 شهري صحتياب ٿي ويا آهن.

عالمي رپورٽس مطابق آمريڪا ۾ فوتين جو انگ هڪ لک 36 هزار 671،برازيل ۾ 70 هزار 524 ۽ ڀارت ۾ 22 هزار 144تائين پهچي ويو.

روس ۾ 11 هزار 17،پيرو ۾ 11 هزار 500،چلي ۾ 6 هزار 781 ۽ اسپين ۾ 28 هزار 403 متاثر فوت ٿي چڪا آهن.

جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ميڪسيڪو ۾ ڪرونا 34 هزار 191،برطانيا ۾ 44 هزار 650،ايران ۾ 12 هزار 447 ۽ اٽلي ۾ 34 هزار 938

ڳڙڪائي ويو.

رپورٽس مطابق ترڪي ۾ ڪرونا وگهي 5 هزار 323،جرمني ۾ 9 هزار 130 ۽ فرانس ۾ 30 هزارشهري فوت ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*