ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت جي صلاحڪار کي عهدي تان هٽايو ويو آهي

خيبرپختون خوا  جي وڏي وزير  محمود خان جي  سڌ سماءَ بابت صلاحڪار اجمل وزير کي عهدي تان هٽايو ويو.

ڪي پي حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽي فڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اجمل وزير کي صلاحڪار جي عهدي تان هٽايو ويو آهي ۽ ان جي جاءِ

تي  صوبائي وزير ڪامران بنگش کي اضافي چارج ڏني وئي آهي.

ذريعن مطابق  اجمل وزير ڪي پي جي وڏي وزير محمود  خان کي ٻڌايو ته هو ذاتي سببن جي ڪري وڌيڪ خدمتون جاري رکي نٿو سگهي.

واضح رهي ته اجمل وزير کي هلندڙ سالن ئي شوڪٽ يوسف زئي جي جاءِ تي سڌ سماءَ جو قلمدان سونپيو ويو هو.

اجمل وزير  طبيعت جي خرابي سبب عهدي کان الڳ ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*